رحماني مفتي خان محمد

رحماني، مفتي خان محمد: نامور عالم ۽ سماجي ڪارڪن مفتي خان محمد رحماني 1929ع ڌاري ڳوٺ فريدآباد، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. قرآن مجيد جو تفسير علامه عبدالغفور هزاروي ۽ مولانا فيض احمد اويسيءَ وٽ پڙهيو. ديني تعليم روهڙيءَ جي بزرگ مولانا عبدالحئي مهيسر کان حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ وقت جي وڏن عالمن مولانا سردار احمد صاحب آبادي، مصلح الدين صديقي، مفتي شجاعت علي قادري ۽ عبدالمصطفيٰ الازهريءَ وٽ مختلف علمن ۾ دسترس حاصل ڪيائين. هن ديني علمن مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’فيض رحمانيه‘ نالي مدرسو قائم ڪيو. ان سان گڏ پرائمري اسڪول ۽ پوسٽ آفيس به منظور ڪرايائين. فريدآباد کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ شهر جي چوڌاري بند منظور ڪرايائين. شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي قلت کي محسوس ڪندي کوهه به کوٽرايائين، جيڪو بعد ۾ پڪو ٻڌرايو ويو ۽ ڪيتري عرصي تائين فريدآباد جي رهواسين جي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ خاص ذريعو رهيو. هن نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيو. ڳوٺ سانول ڪرٽيي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ مسلم اسڪول جو بنياد وڌائين. 1965ع ڌاري فريدآباد مان لڏي ٻانڌي شهر، ضلعي نواب شاهه ۾ رهائش پذير ٿيو. ٻانڌيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ به تعليمي خدمت جاري رکيائين. شهر جي سهوليت لاءِ عيدگاهه، پارڪ ۽ دارالعلوم اندر پرائمري اسڪول ۽ لائبريري قائم ڪرايائين، اهو اسڪول ۽ لائبريري سندس نالي سان سڏجن ٿا. هن مختلف رسالن ۾ تعليم جي مسئلي تي ڪافي مضمون لکيا. سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ٻوليون ڄاڻندو هو. هن 2001ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو